زیارت:(اڱارو 29 اپريل 2025ع)بلوچستان جي ضلعي زيارت مان 7 ماڻهن جا لاش هٿ آيا آهن.
زيارت ضلعي انتظاميا موجب زيارت جي علائقي چوتير مان 7 ماڻهن جا لاش مليا ۽ انهن کي فوري طور تي ضلعي اسپتال زيارت منتقل ڪيو ويو جتي انهن جي سڃاڻپ ڪئي ويندي.
ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته لاش ملڻ کان پوءِ مقامي ماڻهن احتجاج ڪيو ۽ زيارت چوتر هاءِ وي کي بند ڪري ڇڏيو.
ضلعي انتظاميا موجب، انتظاميا هاءِ وي تي ٽريفڪ بحال ڪرڻ لاءِ مظاهرين سان ڳالهيون ڪري رهي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language