welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ملڪ ۾ اڄ به گرمي جي لهر جاري، گرمي پد معمول کان 7 ڊگري تائين وڌيڪ رهڻ جو امڪان

اسلام آباد:(سومر 28 اپريل 2025ع)موسميات کاتي اڄ سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف حصن ۾ گرمي جي لهر ۽ معمول کان 7 ڊگري تائين گرمي پد جي اڳڪٿي ڪئي آهي. لاهور، پشاور، سرگوڌا ۽ ملتان سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ گرمي پد 40 ڊگري يا ان کان وڌيڪ تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سکر، نوابشاهه، مٺي، سبي ۽ تربت ۾ 45 ڊگري يا ان کان وڌيڪ تائين پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي موجب، ڪالهه سڀ کان وڌيڪ گرمي پد نوابشاهه ۾ 48 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪراچي ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، هوا ۾ نمي 76 سيڪڙو آهي، ۽ سامونڊي هوائون 9 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے