ڪراچي:(سومر 28 اپريل 2025ع)ڪراچي جي خواجه اجمير نگري واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ ٻه ڦورو مارجي ويا.
ايس ايس پي سينٽرل موجب، جوابدار ڦرلٽ کان پوءِ فرار ٿي رهيا هئا ۽ جڏهن پوليس پهتي ته فائرنگ جي تبادلي ۾ مارجي ويا.
ٻئي طرف نيو ايم اي جناح روڊ تي پڻ مقابلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو ۽ ٻئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language