مانسھره:(سومر 28 اپريل 2025ع)مانسهره ۾ جيپ کاهي ۾ ڪرڻ سبب چار عورتون فوت ٿي ويون.
پوليس موجب، حادثو مانسهره جي ڪن ڇجڙي ۾ پيش آيو، جتي جيپ سنڌيءَ کان جووري وڃي رهي هئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو جيپ جي بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 عورتون فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيون. حادثي جو اطلاع ملندي ئي مقامي ماڻهن امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ۽ لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language