بندرعباس:(سومر 28 اپريل 2025ع)ايراني شهر بندر عباس ۾ شاهد رجائي بندرگاهه تي ڌماڪي ۾ فوتين جو انگ 40 ٿي ويو آهي.
ايراني ميڊيا موجب حادثي ۾ زخمين جو انگ 1,200 آهي. باهه، جيڪا 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ٻرندي رهي آهي، اڃا تائين قابو ۾ نه آئي آهي.
روس ايران کي مدد جي آڇ ڪندي روسي جهاز ايران موڪليا آهن.
ايراني وزارت دفاع بندرگاهه تي فوجي سامان جي موجودگي جي بين الاقوامي ميڊيا جي رپورٽن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
ايراني اختيارين موجب، ڌماڪي جي سببن جو تعين ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي ڌماڪي جي مڪمل جاچ جو حڪم ڏنو آهي.
آيت الله خامنه اي سيڪيورٽي ۽ عدالتي اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته ڌماڪي جي تفصيلي جاچ ڪئي وڃي، ڪنهن به غفلت يا ارادي واري عمل کي ظاهر ڪيو وڃي، ۽ ضابطن جي مطابق ڪارروائي ڪئي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language