welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي: مائي ڪلاچي روڊ تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ مڙس ۽ زال فوت

ڪراچي: (آچر 30 مارچ 2025ع)مائي ڪلاچي روڊ تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار، هڪ مڙس ۽ زال مارجي ويا. ڪراچي جي مائي ڪلاچي روڊ تي ريلوي ڦاٽڪ ويجهو ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار مڙس ۽ زال فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڇوڪري سخت زخمي ٿي پئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ڪار کي ضبط ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي. ٻئي طرف ڪلفٽن بلاڪ 2 ۾ هڪ ڪار مان هڪ شخص جو لاش مليو آهي، جڏهن ته ڪار مان هڪ پستول ۽ مقتول جو موبائل فون پڻ مليو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے