welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسرائيل ۾ نيتن ياهو حڪومت خلاف وڏي پئماني تي مظاهرا، هزارين ماڻهن جي شرڪت

تل ابیب: (آچر 30 مارچ 2025ع)تل ابيب ۾ هزارين ماڻهو اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي خلاف روڊن تي نڪري آيا. اسرائيلي ميڊيا موجب، ڇنڇر جي رات تل ابيب ۽ ٻين شهرن ۾ هزارين شهرين نيتن ياهو حڪومت خلاف مظاهرو ڪيو. رپورٽ موجب، مظاهرين غزه جنگ بندي معاهدي جي مڪمل ٿيڻ ۽ غزه ۾ باقي اسرائيلي يرغمالين جي واپسي جو مطالبو ڪيو. ياد رهي ته اسرائيل ڪجهه ڏينهن اڳ جنگ بندي جو معاهدو ٽوڙيو ۽ غزه تي ٻيهر حملا شروع ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ هاڻي تائين سوين فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. ٻئي طرف، 7 آڪٽوبر 2023 کان اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ مارجي ويل فلسطينين جو انگ هاڻي 50,000 کان وڌي ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے