welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شڪارپور ۾ ڏوھارين خلاف ھلندڙ آپريشن ۾ ھڪ اھلڪار شھيد

شڪارپور: (آچر 30 مارچ 2025ع) شڪارپور ۾ ڏوھارين خلاف ھلندڙ آپريشن ۾ پوليس جي ھڪ ٻئي جوان قوم تان سر قربان ڪيو ھلندڙ آپريشن ۾ ڏوھارين سان مقابلي دوران اھلڪار نور محمد ڀيو شھيد ٿي ويو سندس جنازي نماز ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ناصر عباس ۽ ايس ايس پي شڪارپور پڻ شرڪت ڪئي
ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته عوام جي جان مال جي حفاظت ڪندڙ محافظ جي شهادت تي دل ڏکاري آهي!! ڊي آء جي ناصر آفتاب-ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ ماتحت ڪم ڪندڙ به اولاد جيان آهن اهلڪار نور محمد ڀيو کي شهيد ڪندڙ رهزنن سان ڪڏهن به نه سمجهوتو ڪجو نه ئي وري انهن کي ڍر ڏجو ڇاڪاڻ ته محافظ کي شهيد ڪندڙن کي انجام تي پهچائڻ به اوهان تي فرض آهي ان فرض کان پوئتي نه هٽجو ضرور پورو ڪجو.!! سڀ وڌيڪ متحرڪ رهندڙ پوليس آفيسر شاهزيب چاچڙ شڪارپور پوليس جو ڪمانڊر هئڻ باوجود سپاهي وانگر وڙهي رهيو آهي دعا آهي ته ڏوهاري ضرور نيصت نابود ٿيندا اسان جي پوليس سوڀاري ٿيندي پوليس تڏهن سوڀاري ٿيندي جڏهن ان کي ڪم ڪرڻ ڏنو ويندو سياسي سماجي مذهبي تنظيمن سان گڏ حڪمران ڌر جا ماڻهو به پوليس جي مدد ڪن ڏوهاري ۾ هٿ پوڻ سان ائين نه ڪن ته هي فلاڻو سماجي سياسي مذهبي تنظيم جو ڪارڪن آهي ڏوهاري آهي ان کي سپورٽ ڪرڻ ڏوھ جي برابر آهي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے