ڪراچي: (ڇنڇر 01 مارچ 2025ع)سنڌ هيومن رائٽس ڊفينڊرز نيشنل ڪميشن آف چائلڊ رائٽس اسلام آباد کي خط لکي 19 آگسٽ 2021ع کان سکر ضلعي مان گم ٿيل ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ سنڌ حڪومت پاران جوڙيل جي آءِ ٽي کي فعال ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پريا ڪماري جي والدين کي صحيح معلومات فراهم ڪري ٻارڙيءَ کي بازياب ڪرايو وڃي. خط ۾ گهر ڪئي وئي ته پريا ڪماري جي والدين سان سنڌ جي گهرو وزير جي ملاقات ڪرائي وڃي، خط موجب معصوم پريا 4 سالن کان گم آهي، مختلف سينيئر پوليس آفيسر ميڊيا سان ڳالهائيندي اقرار ڪري چڪا آهن ته پريا ڪماري زنده آهي، کيس جلد بازياب ڪرائي والدين حوالي ڪيو ويندو، اهڙن بيانن کي به مهينا گذري چڪا آهن، پر ڪا به پيش رفت نه ٿي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته پريا ڪماري جي گمشدگي سبب سنڌ ۾ رهندڙ هندو برادري ۾ هراس پکڙيل آهي. خط ۾ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي وئي آهي ته پريا ڪماري جي باحفاظت بازيابي کي ممڪن بڻايو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language