welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شڪارپور: 4 مغوين جي وڊيو وائرل: وارثن جون عارف مهر اڳيان دانهون: پورهيتن جي بازيابي جو مطالبو

شڪارپور: (ڇنڇر 01 مارچ 2025ع)چڪ لڳ اغوا ٿيل 4 ڄڻن کي شڪارپور پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي، ڌاڙيلن پاران مغوين جي تشدد واري وڊيو وائرل ڪئي وئي، مغوين جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو، ڳوٺ عيسا ٽانوري واسي اغوا ٿيل چئن ڄڻن عبدالوحيد ٽانوري، عرفان علي ٽانوري، عبدالقادر ٽانوري ۽ راحب علي ٽانوري کي شڪارپور پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، ڌاڙيلن پاران مغوين کي تشدد جو نشانو بڻائي وڊيو وائرل ڪئي وئي آهي، جنهن خلاف ڳوٺاڻن محمد ادريس ٽانوري، غلام مصطفيٰ ٽانوري، عاشق علي ٽانوري، منظور ٽانوري، ڪائونسلر عبدالوحيد ٽانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سندن چوڻ هو ته پوليس مغوين کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، سخت پريشان آهيون، ڪير به مدد ڪرڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي طرف پ پ ايم پي اي محمد عارف مھر ڳوٺ عيسا ٽانوري پهچي وارثن سان ملاقات ڪري تفصيل ورتا ويا، جنهن دوران مغوين جي وارثن پاران چونڊيل ايم پي اي عارف خان مھر اڳيان دانهون ڪيون ته اسان انتهائي مسڪين ماڻهو آهيون، مدد ڪري اسان جي نوجوانن کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻئي طرف ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جو چوڻ آهي ته ڏوهاري پوليس آپريشن روڪڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن ڏوھارين جي کي منتقي انجام تائين پھچايو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے