welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وعدي موجب سولر هوم سسٽم جي ورهاست کي يقيني بڻايو آهي، ايندڙ چونڊن ۾ بلاول ڀٽو کي وزير اعظم بڻايو ويندو.: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: (ڇنڇر 01 مارچ 2025ع)توانائي کاتي حڪومت سنڌ پاران سولر انرجي پروجيڪٽ جي تحت سولر هوم سسٽم جي تقسيم جي حوالي سان هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي _ پهرين مرحلي ۾ ٽنڊو ڄام تعلقي ٻهراڙي حيدرآباد جي 100 مستحق ماڻهن ۾ بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جي تحت سولر هوم سسٽم تقسيم ڪيا ويا _ ان تقريب ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ صوبائي وزير توانائي سيد ناصر حسين شاهه شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ، ڊپٽي ميئر حيدرآباد صغير احمد قريشي، چيئرمين ٽي ايم سي حسين آباد عمير مولابخش چانڊيو سميت ٻيا معززين پڻ موجود هئا. ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ سيد ناصر حسين شاهه کي سندس ڪاوشن تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته اڄ اسان پنهنجي وعدي موجب سولر هوم سسٽم جي تقسيم کي يقيني بڻايو آهي _ هن چيو ته سنڌ ۾ پهريان به سکر ۽ شهيد بينظير آباد ۾ اهو پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن ۽ ٻئي مرحلي ۾ سنڌ جي وڌيڪ اڍائي لک گهرن کي اها اسولر سسٽم فراهم ڪئي ويندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري بنا ڪنهن عهدي جي عوام جي خدمت ڪري رهيو اهي جيڪو ثابت ڪري ٿو ته هو ملڪ جو وزير اعظم بڻجڻ جي مستحق آهي _ هن بلاول ڀٽو زرداري جي عوامي خدمت کي ساراهيندي چيو ته هن برساتن دوران راتون جاڳي متاثرن جي مدد ڪئي ۽ کين کاڌ خوراڪ سميت ٻيون ضروريون سهولتون فراهم ڪيون هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت هر ڳوٺ ۾ هڪ سئو گهر تعمير ڪيا ويندا ۽ اهو دنيا هڪ عظيم منصوبو ثابت ٿيندو هن صحت جي شعبي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي خدمتن جو ذڪر ڪندي چيو ته پارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي جو انشاالله ايندڙ چونڊن ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزير اعظم بڻايو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام هميشه پي پي پي تي اعتماد ڪندي رهي آهي ۽ انهيءِ ڪري مخالفن جا تمام اتحاد ناڪام ٿيا آهن - هن واضح ڪيو ته پي پي پي سنڌو دريا تي ڪو به ڪينال بڻائڻ نه ڏيندي ۽ جيستايئن پي پي پي موجود آهي ان جي قيادت واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن به ڪينال جي تعمير جي اجازت نه ڏني ويندي _ هن چيو ته پي پي ئي ڪالاباغ ڊيم جي منصوبي جو خاتمو ڪيو -اين ايف سي ايوارڊ ڏنو ۽ صوبائي خودمختياري کي يقيني بڻايو- عوام کي خطاب ڪندي هن چيو ته هو ڪنهن جي ڳالهيون ۾ نه اچي ڇاڪاڻ ته ماڻهو توهان کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر پي پي عوام جي دلين ۾ آهي ۽ ان جي محبت کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگهي _ هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي تاريخ ۾ پي پي جو دور ڪڍيو وڃي ته قابل ذڪر ڪارناما باقي نه بچندا ڇاڪاڻ ته ملڪ جي دفاعي ، صنعتي ۽ جمهوري ترقي ۾ پي پي ڪليدي جو ڪردار ادا ڪيو آهي - پاڪستان جي ميزائل پروگرام ، اسٽيل مل، ايٽمي قوت ۽ آئين جهڙا عظيم ڪارناما پي پي جي ئي ڪري ٿيا آهن. تقريب کي خطاب ڪندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت ان تقريب جو انعقاد ڪيو ويو آهي _ هن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سميت تمام ڪابينا جا ميمبر پارٽي قيادت جي مشن تي عمل پيرا آهن - هن ٻڌايو ته هوم سولر سسٽم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تحت صرف 6 هزار رپين جي قيمت تي ڏنا پيا وڃن ۽ ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ مستحق ۽ غريب ماڻهن کي اها سهولت فراهم ڪئي ويندي _ هن ان ڳالهه جو پڻ اعلان ڪيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي بجلي گرڊز کي مستحڪم ڪرڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويندو جنهن سان هڪ سئو کان ٽي سو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪرڻ وارن صارفين کي مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي _سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پي پي جي سنڌ حڪومت پاران 21 لک گهرن جي تعمير ڪئي پئي وڃي جن کي مالڪاڻه حقن سميت ڏنا ويندا _

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے