welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

واٽس ايپ صارفين لاءِ دلچسپ فيچر متعارف

ڪيليفورينيا: (اربع 26 مارچ 2025ع)واٽس ايپ اينڊرائيڊ صارفين لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي. ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ بيٽا ورزن ۾ هڪ اهڙي سهولت جي آزمائش ڪئي پئي وڃي، جنهن سان صارفين انفرادي ۽ گروپ چيٽس سان گڏوگڏ چينلز ۾ به موشن فوٽوز موڪلي سگھندا. موشن فوٽوز اصل ۾ ننڍڙا آڊيو يا وڊيو ڪلپس هوندا، جيڪي صارفين تصوير ڪڍڻ وقت رڪارڊ ڪري دوستن سان شيئر ڪري سگھندا. ان قسم جو فيچر اڳ ۾ ئي آءِ فون صارفين لاءِ لائيو فوٽوز جي نالي سان موجود آهي، پر هاڻي ميٽا اينڊرائيڊ صارفين لاءِ به اها سهولت آڻڻ چاهي ٿي. رپورٽ موجب، اِهو فيچر مستقبل ۾ عام صارفين لاءِ به پيش ڪيو ويندو، جنهن لاءِ واٽس ايپ ۾ هڪ نئون بٽڻ شامل ڪيو ويندو، جنهن کي ڪلڪ ڪندي صارفين موشن فوٽوز يا عام تصويرون موڪلي سگھندا. جيڪڏهن ڪنهن صارفين جو فون موشن فوٽوز کي سپورٽ نه ڪندو، کيس هي فائيل ان سپورٽڊ فائيل ٽائپ طور نظر ايندو. جيئن ته هي فيچر في الحال بيٽا ورزن ۾ رڳو ڪجهه صارفين کي دستياب آهي، انڪري سمورن صارفين لاءِ اِهو ڪيستائين معتارف ڪرايو ويندو بابت ڪجهه ٻڌائڻ مشڪل آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے