ڪراچي: (اربع 26 مارچ 2025ع)سنڌ حڪومت ٻارن جي پيدائش جي 100 سيڪڙو رجسٽريشن کي يقيني بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت هيٺ ٻارن جي پيدائشي رجسٽريشن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻارن جي رجسٽريشن جي طريقي ڪار ۽ ان حوالي سان رنڊڪون ختم ڪرڻ جي تجويزن تي غور ڪيو ويو.
حڪومت ٻارن جي پيدائش جي 100 سيڪڙو رجسٽريشن يقيني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو، رجسٽريشن کي لازمي بڻائڻ لاءِ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي ويندي.
چيف سيڪريٽري چيو ته ٻارن جي صحت، تعليم ۽ ٻين حقن جي فراهمي لاءِ رجسٽريشن بنيادي قدم آهي، سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ پيدائش جي رجسٽريشن کي مفت ڪري ڇڏيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language