welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پي ٽي آءِ جو پارلياماني قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو

اسلام آباد: (سومر 17 مارچ 2025ع)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پارلياماني قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر سميت ڪيترن ئي اڳواڻن قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت جي حق ۾ دليل ڏنا. جنيد اڪبر پي ٽي آءِ جي باني سان صلاح ڪرڻ جي درخواست ڪئي. ذريعن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق کي 14 نالا ڏنا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ بئريسٽر گوهر، اسد قيصر، زرتاج گل، صاحبزاده حامد رضا، عامر ڊوگر، ثناءُ الله مستخي خيل، علي محمد خان، سينيٽر علي ظفر، سينيٽر همايون محمد ۽ سينيٽر عون عباس بپي جا نالا رکيا آهن. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو ان ڪيمرا اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ فوجي قيادت ملڪ جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي. قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي هال ۾ ٿيندو، جنهن ۾ پارليامينٽ ۾ موجود سڀني سياسي پارٽين جا پارلياماني اڳواڻ ۽ انهن جا نامزد نمائندا شرڪت ڪندا. لاڳاپيل ڪابينا ميمبر پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے