welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

جيڪڏهن وڊيو سبب ڪنهن به ايف آءِ اي آفيسر جي دل آزاري ٿي آهي ته مان معافي وٺان ٿي: اداڪاره ناديا

ڪراچي: (سومر 17 مارچ 2025ع)اداڪاره ناديه حسين وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) سائبر ڪرائم ڪراچي آفيس ۾ پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو. ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ مشهور اداڪارا ۽ ماڊل ناديا حسين کي تازو ئي مليل هڪ جعلي ڪال تي طلب ڪيو. ناديا حسين جاچ ڪندڙن کي پنهنجو تفصيلي بيان ڏيندي معافي ورتي. ناديا حسين چيو ته هن جعلي ڪال بابت آن لائن شڪايت داخل ڪئي هئي، پر هن کي خبر نه هئي ته آن لائن شڪايت داخل ڪرڻ جي باوجود، هن کي ذاتي طور تي پيش ٿيڻو پوندو. جڏهن ته، هن ان حوالي سان پنهنجو بيان پڻ داخل ڪرايو. هن چيو ته ايف آءِ اي عملدارن موبائل فون کي فارنزڪ لاءِ به تحويل ۾ ورتو آهي، پر انهن کي ان تي ڪو به اعتراض ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ناديا حسين چيو ته جيڪڏهن منهنجي وڊيو پيغام سان ڪنهن به ايف آءِ اي آفيسر کي ڏک پهتو آهي ته مان معافي وٺان ٿي. ياد رهي ته تازو ئي ناديا حسين پنهنجي مڙس تي گرفتاري کان پوءِ واٽس ايپ تي جعلي ڪال وصول ڪرڻ جو الزام لڳايو هو، جنهن جو سبب ايف آءِ اي جي هڪ آفيسر کي قرار ڏنو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے