ڪراچي: (سومر 17 مارچ 2025ع)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ عيد الفطر تي اضافي ڪرائي وٺندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.
هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته عيد تي عوام کي اضافي مالي بار کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، ۽ ڪنهن کي به عوام جو استحصال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
سينئر وزير ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ڪمشنرن کي ڀاڙا وڌائڻ وارن خلاف فوري ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته وڌيڪ ڀاڙا وٺندڙن خلاف جرمانو ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
شرجيل ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽ مالڪن کي مقرر ڪيل ڀاڙن تي عمل درآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي، ته جيئن جيڪڏهن ڪو ٽرانسپورٽر حد کان وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪري ته عوام فوري طور تي شڪايت درج ڪرائي سگهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language