welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اڳوڻي ايم اين اي علي وزير جي ضمانت منظور

سکھر: (خمیس 06 مارچ 2025ع)سکر جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت علي وزير کي آزاد ڪرڻ لاءِ جيل سپريٽينڊنٽ کي به آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي، دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت هڪ لک روپين جي مچلڪن عيوض علي وزير جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. روهڙيءَ ۾ داخل ڪيس ۾ ضمانت منظور ٿيڻ بعد عدالت کيس آزاد ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪيو. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن محمد علي عرف علي وزير ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ ناهي ته کيس آزاد ڪيو وڃي. عدالت جيل سپريٽينڊنٽ کي سڀاڻي پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے