welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ميرپورماٿيلو:عدالت پاران ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 3 سال قيد جي سزا

ميرپور ماٿيلو: (خمیس 06 مارچ 2025ع)ميرپور ماٿيلي جي عدالت ڪوڙو چيڪ ڏيڻ واري ڪيس ۾ جوابدار کي 3 سال قيد ۽ 25 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ماڊل ڪورٽ جي جج خالد ستار ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار اشوڪ ڪمار کي سزا ٻڌائي. عدالت پاران جوابدار تي 25 هزار رپيا ڏنڊ به وڌو ويو. عدالت فيصلي کانپوءِ جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي مڪمل ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو ته جوابدار کي جيل اماڻيو وڃي. 2023ع ۾ ڪرشن لال، اشوڪ ڪمار خلاف 3 لک جو ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪرايو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے