دوحا:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)اسرائيل ۽ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور شروع ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ ڪنهن معاهدي تي پهچڻ جي ڪوشش لاءِ قطر ۾ اڻ سڌي طرح ڳالهيون جاري آهن.
اسرائيلي ميڊيا موجب، ڳالهين جي پهرين ٻن دورن ۾ ڪا وڏي پيش رفت نه ٿي، پر پارٽيون اڃا تائين ڪنهن معاهدي لاءِ پراميد آهن.
اهي ڳالهيون ڪيترن ئي ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.
ٻئي طرف، وائيٽ هائوس جي ترجمان موجب، آمريڪي خاص نمائندو وِٽڪوف هن هفتي جي آخر ۾ دوحا روانو ٿيندو ۽ اسرائيل-حماس ڳالهين ۾ شامل ٿيندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language