ڪراچي: (اڱارو 18 مارچ 2025ع)ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر محمد اقبال خان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
پارٽي ڪراچي جي اين اي 235 سيٽ تان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر محمد اقبال خان کي سبب ڏيکارڻ جو نوٽيس جاري ڪيو آهي.
نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي ميمبر محمد اقبال خان ايم ڪيو ايم جي نامزد گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري تي سخت تنقيد ڪئي ۽ نامناسب ٻولي استعمال ڪئي، جيڪا تنظيمي نظم و ضبط جي خلاف ورزي آهي.
نوٽيس ۾ اقبال خان کي 24 مارچ تي منجهند 3 وڳي ايم ڪيو ايم جي هيڊ ڪوارٽر بهادر آباد ۾ پيش ٿيڻ ۽ جواب جمع ڪرائڻ جو چيو ويو آهي، ۽ پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ پارٽي ضابطن جي تحت ڪارروائي جو به چيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language