
تل ابیب: (اڱارو 18 مارچ 2025ع)جنگ بندي جي معاهدي جي باوجود، اسرائيل غزه جي پٽي ۾ هوائي حملا ڪيا، جنهن ۾ ٻارن سميت 200 فلسطيني مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.
فلسطيني سول ايمرجنسي سروس جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج صبح سوير غزه ۾ 35 هوائي حملا ڪيا.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، غزه جي مختلف حصن، جن ۾ دير البله، خان يونس ۽ رفح شامل آهن، تي صبح سوير بمباري ڪئي وئي، جنهن ۾ 150 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿيا.
غزه شهر ۾ تابعين اسڪول تي حملو ڪيو ويو ۽ المواسي ۾ پناهگير ڪئمپن کي به نشانو بڻايو ويو.
19 جنوري تي حماس سان جنگ بندي جي شروعات کان وٺي اسرائيل پاران ڪيل هي سڀ کان وڏا حملا آهن.
حملي جو حڪم يرغمالين کي آزاد ڪرڻ کان بار بار انڪار ۽ سڀني تجويزن کي رد ڪرڻ کان پوءِ ڏنو ويو: اسرائيلي وزيراعظم آفيس
اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس جو چوڻ آهي ته حماس پاران بار بار يرغمالين کي آزاد ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ ۽ سڀني تجويزن کي رد ڪرڻ کان پوءِ، اسرائيلي فوج کي غزه ۾ حماس خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
اسرائيلي فوج موجب، غزه ۾ حماس جي هدفن تي بمباري ڪئي وئي، جڏهن ته وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته حملن بابت آمريڪا سان صلاح ڪئي وئي هئي.
اسرائيل هڪ طرفي طور تي جنگ بندي معاهدو ختم ڪري ڇڏيو: حماس
ٻئي طرف فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس اسرائيلي حملن جو جواب ڏيندي چيو آهي ته اسرائيل هڪ طرفي طور تي جنگ بندي جو معاهدو ختم ڪري رهيو آهي.
حماس جي عملدارن موجب، اسرائيل غزه ۾ عام ماڻهن تي حملا ٻيهر شروع ڪري ڇڏيا آهن.
ياد رهي ته تازن ڏينهن ۾ اسرائيل حماس سان جنگ بندي جي ٻئي مرحلي تي ڳالهيون شروع ڪرڻ جي حماس جي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو هو. معاهدي تحت، ٻئي مرحلي ۾ اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ مستقبل ۾ جنگ بندي طئي ڪئي وئي هئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language