welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نيوزي لينڊ ٻئي ٽي 20 ۾ به پاڪستان کي شڪست ڏني، ميچ 15 اوورن تائين محدود هئي

ٽونيڊن: (اڱارو 18 مارچ 2025ع)ميزبان ڪيويز ٻئي ٽي 20 ۾ به پاڪستان کي شڪست ڏني. ڊونيڊن ۾ کيڏيل ميچ جو ٽاس برسات سبب دير سان ٿيو. پاڪستان نيوزيلينڊ لاءِ 136 رنسن جو هدف ڏنو هو، جيڪو ڪيويز 13.1 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. پنجن ميچن جي ٽي 20 سيريز جي ٻئي ميچ ۾ نيوزي لينڊ ٽاس کٽي پاڪستان خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، پر برسات سبب ميچ کي گهٽائي 15 اوور في اننگز ڪيو ويو. پاڪستان جي بيٽنگ پاڪستان جو نيوزيلينڊ خلاف شروعات سٺو نه هو ۽ پهرين وڪيٽ هڪ رن تي ڪري پئي، اوپنر حسن نواز صفر تي آئوٽ ٿيو، جنهن کان پوءِ محمد حارث گهڻي دير ڪريز تي نه رهي سگهيو ۽ 19 جي مجموعي اسڪور تي 11 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ پويلين واپس موٽي ويو. پاڪستان جي ٽئين وڪيٽ 50 رنسن تي ڪري پئي ۽ عرفان خان 11 رنسن ٺاهڻ کان پوءِ آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته ٽئين کان پوءِ چوٿين وڪيٽ 52 رنسن تي ڪري پئي، جنهن ۾ خوشدل شاهه صرف 2 رنسن ٺاهڻ کان پوءِ آئوٽ ٿي ويو. پاڪستان جي پنجين وڪيٽ 76 رنسن تي ڪري پئي ۽ ڪپتان سلمان آغا 28 بالن تي 46 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، شاداب 14 بالن تي 26 رنسون ٺاهيون ۽ 110 جي مجموعي اسڪور تي پنهنجي وڪيٽ وڃائي ويٺو. پاڪستان جي ستين وڪيٽ 111 رنسن تي ڪري پئي ۽ جهانداد خان صفر تي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته پاڪستان جي اٺين وڪيٽ 114 رنسن تي ڪري پئي، عبدالصمد 11 رنسن ٺاهي سگهيو، جڏهن ته نائين وڪيٽ 135 رنسن تي ڪري پئي ۽ حارث رئوف هڪ رن ٺاهڻ کان پوءِ رن آئوٽ ٿي ويو. ٻئي ٽي 20 لاءِ قومي ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي، جنهن ۾ اسپنر ابرار احمد جي جاءِ تي حارث رئوف کي شامل ڪيو ويو. ياد رهي ته ميزبان نيوزيلينڊ کي پاڪستان خلاف پنجن ميچن جي سيريز ۾ ٻن صفر جي سرسي حاصل آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے