سیئول: (جمعو 07 مارچ 2025ع)ڏکڻ ڪوريا ۾ هڪ فوجي جهاز مشقن دوران غلطي سان شهري آبادي تي بم ڪيرائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا جي شهر پوچيون ۾ هوائي فوج جي مشق جاري هئي جڏهن هڪ فوجي فائٽر جيٽ (ايف ڪي-16) غلطي سان آبادي واري علائقي تي 8 بم ڪيرائي ڇڏيا.
رپورٽ موجب، جهاز پاران ڪيرايل بمن مان 7 نه ڦاٽيا، پر هڪ بم ڦاٽي پيو، جنهن ۾ 15 ماڻهو زخمي ٿيا، جن مان 2 جي حالت نازڪ آهي.
رپورٽون ظاهر ڪن ٿيون ته بم سان ڪجهه گهرن ۽ هڪ چرچ کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته اڻ ڦاٽل بمن کي ناڪاره بڻائڻ جون ڪوششون جاري آهن.
رپورٽ موجب، ڏکڻ ڪوريا جي هوائي فوج هن افسوسناڪ واقعي تي معافي ورتي ۽ نقصان جي تلافي ڪرڻ جي آڇ ڪئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language