خضدار: (آچر 02 مارچ 2025ع)خضدار جي علائقي زهري ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ جمعيت علماءِ اسلام جو اڳواڻ غلام سرور ۽ سندس ساٿي مارجي ويو.
ڊپٽي ڪمشنر خضدار موجب فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ شخص زخمي ٿيو آهي. ليويز فورس لاشن ۽ زخمي گارڊ کي مقامي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي ۽ حملي آورن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. مقامي ليويز پڻ واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهن.
جي يو آءِ جي ترجمان اسلم غوري فائرنگ واقعي ۾ غلام سرور ۽ مولانا امان الله جي قتل جي مذمت ڪئي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير تي تنقيد ڪندي چيو ته وڏو وزير "سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي" جو گيت ڳائي رهيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language