welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

رمضان جي شروعات ۾ ملڪ ۾ برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي: (آچر 02 مارچ 2025ع)موسميات کاتي رمضان جي شروعات ۾ ملڪ ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ ۽ سڀاڻي ملڪ ۾ تيز برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، مٿانهين خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات سان گڏ جزوي طور تي ڪڪر رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته جبلن ۾ برفباري جو امڪان آهي. ٻئي طرف پي ڊي ايم اي بلوچستان جو چوڻ آهي ته اڄ کان هڪ ٻيو طاقتور مغربي موسمي نظام بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جي تحت جبلن ۾ مينهن، هوائون، گجگوڙ ۽ برفباري جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي مسافرن ۽ سياحن کي برفباري، طوفان ۽ ٻوڏ دوران غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے