welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ هڪ ٻيو شهري فوت

ڪراچي: (آچر 02 مارچ 2025ع)ڪراچي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي جي موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجڻ سبب هڪ ٻيو شهري مارجي ويو. پوليس موجب، واقعو ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ گجر نالي ويجهو پيش آيو، جتي هڪ ٽرالر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو. ٽڪر کان پوءِ، ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس ڪاوڙيل ماڻهن جي ٽرالر کي ساڙڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. پوليس موجب، هن سال ڳري ٽرئفڪ جي ڪري فوت ٿيندڙن جو انگ 48 تائين پهچي ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے