welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گريڊ 22 ۾ 36 آفيسرن جون ترقيون: سينارٽي نظرانداز: ڪيترائي انتظار ڪندي رٽائرڊ: پرڏيهي گروپ ۾ هڪ به سنڌي آفيسر ناهي

اسلام آباد: (خمیس 06 مارچ 2025ع)هاءِ پاور سيليڪشن بورڊ پاڪستان ايڊمسٽريٽو سروس گروپ جي گريڊ 21 جي 19 ،پوليس گروپ جي 8 ۽ فارين سروس جي 9 آفيسرن کي گريڊ 21 مان گريڊ 22 وفاقي سيڪريٽري جي پوسٽ تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي . هاءِ پاور بورڊ پاران پاڪستان ايڊمسٽريٽو گروپ ۽ پوليس گروپ جي ڪيترن ئي آفيسرن جي سينارٽي کي نظر انداز ڪيو ويو، جڏهن ته پرڏيهي سروس ۾ ترقي حاصل ڪندڙ آفيسرن ۾ هڪ جو به تعلق سنڌ سان نه هجڻ جو به انڪشاف ٿيو آھي تفصيل موجب نائب وزير اعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پنج مارچ واري ڏينهن هاءِ پاور سليڪشن بورڊ جو 29 هون اجلاس ٿيو اجلاس ۾ سول سرونٽ رول فائيو ون اي تحت پاڪستان ايڊمسٽريٽو سروس گروپ ، پاڪستان پوليس سروس ۽ فارين سروس گروپ جي گريڊ جي آفيسرن کي گريڊ 22 ۾ سيڪريٽري جي پوسٽ تي ترقي ڏيڻ تي غور ڪيو ويو، هاءِ پاور بورڊ غور بعد پاڪستان ايڊمينٽريٽو گروپ جي 19 پوليس گروپ جي 8 ۽ فارين سروس جي 9 آفيسرن کي گريڊ 22 ۾ سيڪريٽري جي پوسٽ تي ترقي ڏيڻ جي سفارش ڏئي ڇڏي آھي. پنهنجي اخبار وٽ موجود ڊسمبر 2023 ۾ تيار ڪيل پوليس گروپ جي سينارٽي لسٽ مطابق پوليس گروپ جي گريڊ 21 ۾ 53 آفيسرن جي سينارٽي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي عمران غني ،ٻئي نمبر تي احمد مڪرم ، ٽيئن نمبر تي ايم عامر ذوالفقار خان گريڊ 21 جا سينئر ترين آفيسر آھن، هاءِ پاور بورڊ پهرين چئني، چوٿون پوليس آفيسر تازو ئي سٺ سالن جي عمر کي پهچڻ سبب رٽائر ٿي ويو آھي، انهن نمبرن تي ايندڙ سينئر آفيسرن کي باءِ پاس ۽ ترقي لاءِ انهن جي نالن کي نظرانداز ڪندي سينارٽي لسٽ ۾ پنجين نمبر تي ايندڙ بي اي ناصر کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي آھي، سينارٽي لسٽ ۾ ستين نمبر تي ايندڙ آء جي سنڌ غلام بني ميمڻ ، سينارٽي لسٽ ۾ اٺين نمبر تي ايندڙ محمد فاروق مظهر کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي آھي . سينارٽي لسٽ ۾ نائين نمبر تي ايندڙ آصف سيف الله پراچه کي نظرانداز ڪري سينارٽي لسٽ ۾ ڏهين نمبر تي ايندڙ عمران يعقوب منهاس کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آھي ان بعد يارنهين نمبر تي ايندڙ سنڌ سان تعلق رکندڙ مظفر علي شيخ ، کي نظر انداز ڪري تيرنهين نمبر تي ايندڙ عبدالخالق شيخ کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آھي جنهن بعد چوڏهين نمبر تي ايندڙ فياض احمد ، پنڌرنهين نمبر تي ايندڙ سنڌ جي سلطان احمد خواجه پروموشن جو انتظار ڪندي 60 سالن جو ٿي رٽائرڊ ٿي ويو ائين سورنهين نمبر تي ايندڙ جاويد احمد ڏوگر کي باءِ پاس ڪري سترهين نمبر تي ايندڙ زبير هاشمي ، 18 نمبر تي ايندڙ ايم شهزاد سطان ۽ 19 نمبر تي ايندڙ محمد طاهر کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آھي. پاڪستان ايڊمينٽريٽو سروس گروپ جي سينارٽي لسٽ جي پهرين ٽن نمبرن تي ايندڙ ترتيب وار آفيسرن آمنه عمران خان ، ارم بخاري ، طاهر خورشيد کي باءِ پاس ڪري سينارٽي لسٽ ۾ ڇوٿين نمبر تي ايندڙ وسيم اجمل چوڌري کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏني وئي آھي ان بعد پنجين ۽ ڇهين نمبر تي ايندڙ اظفر منظور ۽ اسد اسلام کي نظر انداز ڪري ستين نمبر تي ايندڙ عبرين رضا کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏني وئي آھي، اٺين نمبر تي ايندڙ علي طاهر ، نائين نمبر تي ايندڙ عثمان اختر باجوا ، ڏهين نمبر تي ايندڙ محمد همير ڪريم کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏني وئي آھي، يارنهين نمبر تي ايندڙ سميرا صمد کي باءِ پاس ڪري 12 نمبر تي ايندڙ سيد عطا الرحمان 13 نمبر تي مصدق احمد خان کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏني وئي آھي. چوڏهين نمبر تي ايندڙ ساجد بلوچ کي نظرانداز ڪندي پنڌرهين نمبر تي ايندڙ راشد محمود کي ترقي ڏني وئي آھي، ائين 16 نمبر تي ايندڙ سنڌ واسي مومن آغا ،17 نمبر تي ايندڙ نديم محبوب ، 18 نمبر تي ايندڙ محي الدين واني کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏني وئي آھي، سينارٽي لسٽ ۾ 19 کان 21 تائين شامل آفيسرن محمد مجتبي ، ڪيپٽن محمد محمود ، ۽ جودت اياز کي باءِ پاس ڪري 22 نمبر تي ايندڙ دائود محمد کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏني وئي آھي، جڏهن ته 23 نمبر تي ايندڙ محمد آصف کي ڇڏي 24 نمبر تي ايندڙ سنڌ واسي شڪيل مڱڻيجو کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏني وئي آھي، 25 نمبر تي ايندڙ ساديه ثروت ، 26 نمبر تي ايندڙ اسد رحمان گيلاني ، 27 نمبر تي ايندڙ علي سرفراز حسين ، 28 نمبر تي ايندڙ زاهد اختر زمان کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏني وئي آھي، سينارٽي لسٽ ۾ 29 ۽ 30 نمبر تي ايندڙ سلمان مفتي ، نشيتا مريم کي نظر انداز ڪري 31 نمبر تي ايندڙ نبيل احمد اعواڻ کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏني وئي آھي ائين 32 کان 34 نمبر تي ايندڙ آفيسرن طارق وقار بخشي ، احسان علي منگي، حسن محمود کي نظر انداز ڪري 35 نمبر تي ايندڙ احمد رضا سرور کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏني وئي آھي. ٻئي طرف پرڏيهي وزارت جي 9 آفيسرن کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏني وئي آھي جن ۾ احمد نسيم وڙائچ ،رحيم حيات قريشي ،عاصم افتخار احمد ، رضوان سعيد شيخ ،سيد احمد رضا شاهه ، فيصل نياز ترمذي ، نبيل منير، ثقلين ۽ شفقت علي خان شامل آھن ذريعن مطابق پرڏيهي سروس گروپ ۾ ترقيون ماڻيندڙن ۾ هڪ به سنڌي آفيسر شامل ناهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے