راولپنڊي: (خميس 13 فيبروري 2025ع)پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سنڌ ۾ پارٽي قيادت کي تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
رپورٽن موجب، پي ٽي آءِ جي باني علي امين گنڊاپور ۽ جنيد اڪبر کي ملاقات لاءِ اڊيالا جيل سڏيو، جنهن جي تصديق وڏي وزير سيڪريٽريٽ جي عملدارن ڪئي.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي باني سنڌ ۾ پارٽي قيادت کي تبديل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن، جنهن کان پوءِ عالمگير خان کي ڪراچي ۾ پارٽي جي اهم ذميواري سونپي وڃڻ جو امڪان آهي.
ان کان علاوه، پي ٽي آءِ جي باني ڪنول شوزب ۽ عاليه حمزه کي سياسي ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language