اسلام آباد: (خميس 13 فيبروري 2025ع)ترڪ صدر رجب طيب اردگان پاڪستان جي دوري تي پهتو.
اعلان موجب ترڪ صدر رجب طيب اردگان 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف نور خان ايئربيس تي ترڪ صدر جو استقبال ڪيو.
صدر رجب طيب اردگان جي آمد تي سندس اعزاز ۾ 21 توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. روايتي لباس ۾ ملبوس اسڪول جي ٻارن ترڪ صدر جو استقبال ڪيو.
ان کان علاوه، هڪ فوجي بينڊ پڻ روايتي انداز ۾ ترڪ صدر جو استقبال ڪيو، جڏهن ته پاڪستان ايئر فورس جي جهازن پاڪستاني هوائي حدن ۾ هوائي استقبال ڪيو.
بيان موجب، پاڪستان ايئر فورس جي ايف 17 جهاز ترڪ صدر جي جهاز کي اسلام آباد تائين سيڪيورٽي ڏني.
0 تبصرے
Do not use vulgar language