welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حافظ آباد ۾ فائرنگ، پي ٽي آءِ جو مقامي اڳواڻ مارجي ويو

حافظ آباد: (خميس 13 فيبروري 2025ع)حافظ آباد ۾ فائرنگ ۾ مقامي پي ٽي آءِ اڳواڻ قمر جاويد ايڊووڪيٽ مارجي ويو. پوليس موجب، واقعو حافظ آباد جي ڪوٽ نڪاح واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي اڻڄاتل جوابدارن مقامي پي ٽي آءِ اڳواڻ قمر جاويد تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي مارجي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته قمر جاويد ايڊووڪيٽ کي فجر جي نماز لاءِ مسجد وڃي رهيو هو ته گولي هنئي وئي ۽ جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا. پوليس موجب، مقتول قمر جاويد ايڊووڪيٽ گذريل چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جو صوبائي اميدوار هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے