
دبئي: (خميس 13 فيبروري 2025ع)آءِ سي سي پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي چيمپيئنز ٽرافي جو سفير مقرر ڪيو آهي.
آءِ سي سي پاڪستان ۾ شيڊول 2025ع جي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ سفير مقرر ڪيا آهن، جن ۾ 2017ع جي چيمپيئنز ٽرافي کٽيندڙ پاڪستاني ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد به شامل آهي.
آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي لاءِ شيکر ڌون ۽ ٽم سائوٿي کي سفير مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته آسٽريليا جي شين واٽسن کي به ايونٽ جو سفير مقرر ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي جا سفير تقريب دوران ميچن تي پنهنجا رايا ڏيندا.
ان حوالي سان سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته مان چيمپيئنز ٽرافي کٽڻ جو لمحو ڪڏهن به وساري نٿو سگهان. 2017 جي چيمپيئنز ٽرافي کٽڻ کان پوءِ سڄي قوم اسان سان گڏ بيٺي هئي. چيمپيئنز ٽرافي کٽڻ جو جشن هميشه منهنجي دل جي ويجهو رهندو.
سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته هو ڪرڪيٽ ڪئلينڊر ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي واپسي ڏسي خوش آهي ۽ پاڪستان اهڙي خاص تقريب جي ميزباني ڪري رهيو آهي. هن فارميٽ جو مطلب آهي ته هر ميچ اهم آهي، ۽ هو هڪ سفير جي حيثيت سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ بيتاب آهي.
اڳوڻي ڀارتي بيٽسمين شيکر ڌون جو چوڻ آهي ته چيمپئنز ٽرافي جو سفير بڻجڻ منهنجي لاءِ هڪ خاص احساس آهي. ايندڙ ڪجهه هفتن ۾، ڪرڪيٽ جي دنيا جون بهترين ٽيمون اڇي جيڪٽ لاءِ مقابلو ڪنديون نظر اينديون. هڪ رانديگر جي حيثيت سان، توهان ڄاڻو ٿا ته چيمپئنز ٽرافي ۾ هر ميچ، هر بال اهم آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language