اسلام آباد: (اربع 12 فيبروري 2025ع)جسٽس سرفراز ڊوگر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو قائم مقام چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو آهي.
قانون ۽ انصاف واري وزارت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس سرفراز ڊوگر مستقل چيف جسٽس جي مقرري تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو.
ياد رهي ته تازو ئي جوڊيشل ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي منظوري ڏني هئي، ان کان علاوه جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کي قائم مقام جج طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language