بيجنگ: (خميس 13 فيبروري 2025ع)چين غزه مان فلسطينين جي جبري نيڪالي جي به مخالفت ڪئي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته غزه فلسطينين جو آهي ۽ فلسطيني علائقي جو هڪ لازمي حصو آهي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته اسان غزه جي شهرين جي جبري بي دخلي جي سخت مخالفت ڪريون ٿا.
ٻئي طرف، عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل احمد ابو الغيط فلسطينين جي جبري نيڪالي کي عرب دنيا لاءِ ناقابل قبول قرار ڏنو.
دبئي ۾ ورلڊ گورنمينٽ سمٽ کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ غزه نشانو آهي، سڀاڻي اولهه ڪناري جو وارو هوندو، ۽ مقصد فلسطين کي ان جي تاريخي رهواسين کان خالي ڪرڻ آهي.
هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي منصوبي کي رد ڪندي چيو ته عرب دنيا 100 سالن کان هن خيال جي مزاحمت ڪري رهي آهي ۽ پوئتي نه هٽندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language