ڪراچي: (خميس 27 فيبروري 2025ع)پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 3300 رپيا سستو ٿيڻ بعد 3 لک 3 هزار رپين جو ٿي ويو.
اهڙي ريت 10 گرام سون 2829 رپيا گهٽجي 2 لک 59 هزار 773 رپين تي پهچي ويو.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 29 ڊالر گهٽتائي بعد 2 هزار 887 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language