welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ٻن پروگرامن ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن لاءِ تعارفي گڏجاڻي منعقد

ڄامشورو: (خميس 27 فيبروري 2025ع)مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ٻن پروگرامن بيچلر آف سائنس ان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن لاءِ تعارفي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ معزز مهمانن پروفيسر ڊاڪٽر انور علي شاهه، ڊاڪٽر نصرالله پيرزادو، ۽ غيور عباس شيخ شرڪت ڪئي ۽ شاگردن سان خطاب ڪيو. مقررن تعليم ۾ وقت جي اهميت تي زور ڏيندي شاگردن کي وقت سر ليڪچرز ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ پنهنجي تعليم لاءِ مڪمل وقت ڏيڻ جي تلقين ڪئي. ان موقعي تي آءِ ٽي شعبي، سافٽ ويئر انجنيئرنگ، ۽ مصنوعي ذهانت (AI) جي وڌندڙ اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. خاص طور تي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان آزادانه ۽ گهر ويٺي ڪم ڪرڻ جي موقعن تي روشني وڌي وئي. شاگردن کي ترغيب ڏني وئي ته هو پنهنجي تعليمي سفر جي شروعاتي مرحلن ۾ ئي لازمي مهارتون حاصل ڪن، جيئن هو گريجوئيشن کان اڳ روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن. مقررن زور ڀريو ته نوجوان نسل کي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي اهميت کي سمجهي ان ذريعي باوقار روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ تياري ڪرڻ گهرجي. تقريب جي ميزباني مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ڊائريڪٽر مس نورالعين عباسي ڪئي، جن شاگردن ۽ مهمانن کي ڀليڪار ڪندي انسٽيٽيوٽ بابت تفصيلي آگاهي فراهم ڪئي. ان دوران انسٽيٽيوٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر هادي بخش کوکر معزز مهمانن کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي، اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا. تقريب ۾ عقيل احمد سومرو، احمد، اويس احمد کوکر، فريحا يونس، سيد عبدالغفار شاهه، علي حيدر عباسي، اسامه حيدر عباسي، علي رضا سنگھر، ذڪرِيا بروهي، جنيد علي، ۽ عامر به خطاب ڪيو. انهن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هن قسم جي تعارفي گڏجاڻي نئين بيچ لاءِ مثبت ماحول پيدا ڪيو ۽ شاگردن کي تعليمي ۽ پيشوراڻي ميدان ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ همٿايو. تقريب آخر ۾ سوال جواب جي سيشن سان پوري ٿي، جتي شاگردن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ۽ معزز مهمانن کان راهنمائي حاصل ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے