
اسلام آباد: (خميس 27 فيبروري 2025ع)منصوبه بندي واري وزارت جي وفاقي وزير احسن اقبال پي ٽي آءِ کي پنهنجو سربراهه تبديل ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.
صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ باني قومي ڏوهاري آهي، پي ٽي آءِ جي ڪابه ايماندار قيادت سامهون آندي وڃي، اپوزيشن پاڪستان جي ترقي سبب پريشان آهي. هن چيو ته پاڪستان کي معاشي لانگ مارچ جي ضرورت آهي، اپوزيشن خالي ڪرسين سان ڪانفرنس ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف کي اميد آهي ته شايد آمريڪا انهي کي بچائي وٺندو.
هن چيو ته اهو هڪ لطيفو لڳي رهيو آهي ته آمريڪا پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرائيندو پوءِ پي ٽي آءِ باني پاڪستان کي آمريڪا جي غلامي مان ڇوٽڪارو ڏياريندو. آمريڪا ائين نه ڪندو ڇو ته پي ٽي آءِ باني سياسي قيدي نه آهي، پي ٽي آءِ باني وٽ ڪيس عدالتن مان ختم ڪرائڻ جو هڪڙو ئي حل آهي.
هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت مثبت سياست جي ضرورت آهي. گارين، ڌرڻن ۽ احتجاج جي سياست جا طريقا ختم ٿي ويا، تحريڪ انصاف ڪرپشن جي خاتمي جي سياست ڪندي هئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ تي سڀني کان وڏي چوري ثابت ٿي وئي آهي. 64 ارب جو ڌاڙو هڻي پاڻ کي صادق ۽ امين چوڻ ناانصافي آهي، اسان جي حڪومت پاڪستان کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو. پهرين اپريل 2022 ۾ تحريڪ انصاف ملڪ کي ڊيفالٽ ڪري چڪي هئي. اڄ سرمائيڪاري پاڪستان طرف ڌيان ڏئي رهيا آهن اهو سڀ ڪجهه مسلم ليگ(ن) جي ڪامياب پاليسين جو نتيجو آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language