welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آگسٽ لاءِ آر ايل اين جي مهانگي

اسلام آباد:(اڱارو 13 آگسٽ 2024ع)آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) آگسٽ لاءِ آر ايل اين جي مهانگي ڪري ڇڏي. اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سوئي ناردرن لاءِ آر ايل اين جي جي قيمت ۾ 2.97 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سوئي سدرن لاءِ آر ايل اين جي جي قيمت ۾ 3.19 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي. نوٽيفڪيشن موجب سوئي ناردرن لاءِ آر ايل اين جي جي قيمت ۾ 0.4038 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو واڌ ٿي ۽ سوئي سدرن لاءِ آر ايل اين جي جي قيمت ۾ 0.4206 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو واڌ ٿي آهي. اوگرا طرفان سوئي ناردرن لاءِ آر ايل اين جي جي ڊسٽري بيوشن قيمت 14.0065 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي ۽ سوئي سدرن لاءِ آر ايل اين جي جي ڊسٽري بيوشن قيمت 13.5773 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے