ممبئي:(اڱارو 13 آگسٽ 2024ع)گلوڪار، موسيقار ۽ اداڪار عدنان سميع 9 ورهين بعد بالي ووڊ جي فلم لاءِ گيت ڳائيندو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، عدنان سميع جي 9 ورهين کانپوءِ فلمن ۾ واپسي ڪري رهيو آهي، هو بالي ووڊ فلم ” قصور “ لاءِ رومانوي گيت رڪارڊ ڪرائيندو.
عدنان سميع سان گڏ ڀارتي گلوڪارا پائل ديو به پنهنجي آواز جو جادو جڳائيندي، اِهو گيت بالي ووڊ اداڪار آفتاب شيوديساڻي، اروشي روٽيلا تي فلمايو ويندو.
ياد رهي ته عدنان سميع آخري ڀيرو 2015ع ۾ ريليز ٿيندڙ سلمان خان جي فلم ” بجرني ڀائيجان “ لاءِ قوالي ” ڀر دو جهولي ميري يا محمد “ رڪارڊ ڪرايو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language