welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سي ويو: ڪراچي جي شهرين لاءِ آزادي جي ڏهاڙي تي خوشخبري

ڪراچي:(اڱارو 13 آگسٽ 2024ع)آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪراچي پوليس شهرين کي تفريح فراهم ڪرڻ جي سهولت لاءِ اعلان ڪيو آهي ته 14 آگسٽ تي سي ويو کليل رهندو. ڪراچي پوليس آزادي ڏهاڙي لاءِ سي ويو تي سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان پلان تيار ڪري ورتو. ايس ايس پي ڏکڻ ساجد سدوزئي چيو ته آزادي ڏهاڙي تي سي ويو شهرين لاءِ کليل رهندو ۽ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام هوندا. هن ٻڌايو ته سينئر پوليس آفيسرن سميت 12 ايس ايڇ اوز سيڪيورٽي ڊيوٽي تي مقرر هوندا، سي ويو ۽ ڀرپاسي ۾ پوليس جون 42 موبائون موجود هونديون، جڏهن ته 74 موٽر سائيڪلن تي اهلڪار گشت به ڪندا. سندس چوڻ هو ته انٽيليجنس اسٽاف کي سي ويو جي ڀرپاسي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، مجموعي طور تي 700 کان وڌيڪ آفيسر ۽ جوان سي ويو ۽ ان جي ڀرپاسي مقرر هوندا. ساجد سدوزئي چيو ته ڪنهن کي غير قانوني سرگرمي جي اجازت نه هوندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے