welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

فاطمه ڦرڙو جي امڙ طرفان پنهنجي وڪيل تي به بي اعتمادي ظاهر

خيرپور:(اڱارو 13 آگسٽ 2024ع)فاطمه ڦرڙو جي امڙ شبنم امڙ ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه دوران پنهنجي وڪيل صفدر ڪناسرو تي به بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي شبنم ڦرڙو چيو ته اسان جي شاهدن جيان وڪيل به وڪامي ويو آهي، راڻيپور جي پيرن شاهدن ۽ وڪيل کي خريد ڪري ورتو آهي، اسان هاڻي نئون وڪيل ڪنداسين وڪيل صفدر ڪناسرو شبنم ڦرڙو جا الزام رد ڪندي چيو آهي ته فاطمه ڦرڙو جو ڪيس فاطمه جي والدين پاڻ هٿ وٺي خراب ڪيو هن چيو ته شبنم ڦرڙو ۽ سندس مڙس نديم عدالت ۾ حلفنامو جمع ڪرائيندي چيو ته عدالت اسد شاهه کي آزاد ڪندي ته اسان کي اعتراض نه هوندو، بعد ۾ هنن چيو ته حلف نامو دٻاءَ ۾ اچي جمع ڪرايو هو وڪيل صفدر ڪناسرو چيو ته فاطمه ڦرڙو جي امڙ جي الزامن تي ڏک پهتو، اسان مفت ۾ ڪيس وڙهي رهيا هئاسين، فاطمه جا والدين ڀلي نئون وڪيل ڪن

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے