
حیدرآباد:(اڱارو 13 آگسٽ 2024ع)سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سينئر اڳواڻ نصرت حسين چن لاڏاڻو ڪري ويو، نصرت حسين چن گذريل ڪجهه مهينن کان گڙدن جي تڪليف سبب زير علاج هو سندس عمر 55 سال هئي. مرحم پويان ٻه پٽ ٻه نياڻيون ۽ هڪ بيواه سوڳوار ڇڏيا آهن. نصرت حسين چن جو سنڌ ترقي پسند پارٽي جي باني ميمبرن ۾ شمار ٿئي ٿو هو سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ مختلف عهدن تي رهيو.
نصرت حسين چن پنهنجي سياسي زندگي ۾ قومي جدوجهد ۽ مزدورن جي حقن جي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. پاڻ ترقي پسند مزدور فيڊريشن جي مرڪزي صدر ڪافي وقت رهيو. نصرت حسين چن هن وقت سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر سان گڏ حيدرآباد ڊويزن جو صدر پڻ هو. نصرت حسين جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ ٿرِڙي حاجران روانو ڪيو ويندو جتي سندس تدفين ڪئي ويندي.
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سميت مرڪزي قيادت پاران نصرت حسين چن جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته نصرت حسين چن هڪ جاکوڙي بهادر سياسي اڳواڻ هو. جنهن پنهنجي سموري زندگي قومي جدوجهد کي ارپي. هن قومي جدوجهد جي خاطر پنهنجي نوڪري جي قرباني ڏني. نصرت حسين چن جو وڇوڙو سنڌ ترقي پسند پارٽي لاءِ وڏو نقصان آهي. سندس قومي جدوجهد ۾ ڪيل ڪردار سبب کيس هميشه ياد رکيو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language