welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪوئٽه: لياقت بازار ۾ دستي بم حملو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 6 زخمي

ڪوئيٽا:(اڱارو 13 آگسٽ 2024ع)لياقت بازار ۾ دستي بم حملي جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب ڪوئيٽه جي لياقت بازار ۾ نامعلوم ماڻهن طرفان دستي بم اڇلايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. سول اسپتال جي ترجمان دستي بم حملي ۾ هڪ شخص جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هڪ شخص جي لاش اسپتال آندي وئي آهي جڏهن ته 6 زخمين کي به اسپتال آندو ويو آهي جن مان 2 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڌماڪي کان پوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے