welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم جي گهرواريءَ جي گاڏي تي فائرنگ

ڪراچي:(اڱارو 13 آگسٽ 2024ع)ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين حسين جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ هوءَ محفوظ رهي. ڊاڪٽر ثمرين جشن آزادي جي تقريب ۾ شريڪ هئي ته سندس گاڏي تي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي. پوليس موجب ڊاڪٽر ثمرين جي گاڏي تي پارڪنگ ۾ فائرنگ ڪئي وئي، معاملو اسٽريٽ ڪرائم جو ناهي. پوليس ٻڌايو ته ڊاڪٽر ثمرين محفوظ رهي، جاچ ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته ڊاڪٽر ثمرين حسين پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين جي گهرواري آهي. هوڏانهن سنڌ جي گورنر دائود يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين تي حملي جي مذمت ڪندي ايڊيشنل آءِ جي کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے