خوشاب:(اربع 14 آگسٽ 2024ع)خوشاب ۾ پوليس مقابلي دوران مختلف ڪيسن ۾ گهربل 5 جوابدار مارجي ويا، جڏهن ته جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو.
پوليس موجب خوشاب جي علائقي قائد آباد جي علائقي ۾ پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ مقابلي دوران 5 جوابدار مارجي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي دوران جوابدارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ايس ايڇ او سميت 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار پوليس کي مختلف ڪيسن ۾ گهربل هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language