welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڏکڻ وزيرستان: فورسز ۽ خوارج وچ ۾ فائرنگ، 6 خوارج مارجي ويا، 4 جوان شهيد

راولپنڊي:(اربع 14 آگسٽ 2024ع)پاڪ فوج جي پبلڪ انفارميشن سروس (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ خوارج وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 خوارج مارجي ويا، جڏهن ته خوارج سان ڀرپور فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 بهادر جوان شهيد ٿي ويا. . آءِ ايس پي آر موجب خوارج جو بهادري سان مقابلو ڪندي حوالدار نثار حسين ۽ نائيڪ رشيد گل شهيد ٿي ويا، جڏهن ته خوارج سان فائرنگ جي تبادلي ۾ نائيڪ عرفان الله خان ۽ سپاهي عثمان رفاقت به شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر چيو ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون. آءِ ايس پي آر موجب علائقي مان خوارج جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے