اسلام آباد:(اربع 14 آگسٽ 2024ع)پاڪستان ۾ صارفين اڃا تائين انٽرنيٽ سروس استعمال ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
پاڪستان ۾ انٽرنيٽ ڪم ڪري رهي آهي پر ان جي رفتار مسلسل گهٽ آهي ۽ انٽرنيٽ سروسز خاص طور تي ڊيٽا جي فراهمي ۾ خلل پئجي رهيو آهي.
ٻئي طرف رابطي جو اهم ذريعو واٽس اپ بند ٿيڻ سبب شهري ۽ ڪاروباري ماڻهو سخت پريشاني جو شڪار آهن، جڏهن ته شهرين جو چوڻ آهي ته ان سان نه رڳو سندن حق متاثر ٿي رهيا آهن پر رياست کي به مالي نقصان ٿي رهيو آهي.
انٽرنيٽ سروس متاثر ٿيڻ سان آن لائين رائيڊنگ سميت ڪاروباري ٽرانزيڪشن ۾ به ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، صارفين سوشل ميڊيا پليٽ فارم بلاڪ ڪرڻ خلاف احتجاج پڻ ڪري رهيا آهن ۽ ان کي اظهار جي آزادي ۾ رڪاوٽ سمجهي رهيا آهن.
شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي بند ڪرڻ بدران شهري آزادين کي اهميت ڏني وڃي ڇو ته ان سان نه رڳو ڪميونيڪيشن ۾ سنگين مسئلا پيدا ٿين ٿا پر انٽرنيٽ جي بندش عالمي سطح تي حڪومت جي بدنامي جو به سبب آهي.
پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن بار بار رابطو ڪرڻ باوجود انٽرنيٽ سروس متاثر ٿيڻ بابت ڪو به بيان نه ڏنو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language