ڪراچي: (سومر 01 جنوري 2024ع)سال 2023 تمام برساتن ۽ موسمن سان گڏ پڄاڻي تي پهتو آهي ۽ نئون سال 2024 شروع ٿي ويو آهي.
رات 12 وڳي نئين سال جي شروعات سان سڄي ملڪ ۾ آتشبازي ۽ جشن شروع ٿي ويو. ڪراچي ۾ نئين سال جي شروعات هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي سان ڪئي وئي.
سال 2023 جو آخري سج به غروب ٿي چڪو آهي، ڪئميرا جي اک ان منظر کي محفوظ ڪري ورتو آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ نئين سال جي جشن تي پابندي جو اعلان ڪندي عوام کي اپيل ڪئي ته هو نئين سال جو سادگي سان استقبال ڪن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language