welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پي ٽي آءِ اقتدار لاءِ سرحد پار رجوع ڪري رهي آهي: خواجا آصف

لاھور: (آچر 31 ڊسمبر 2023ع)ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ به اقتدار لاءِ سرحد پار ڏسي رهي آهي. اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف ٽوئيٽ ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي باني پهريون ڀيرو اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هر حربہ استعمال ڪيو، اقتدار دوران هن ڄاڻي واڻي منصوبي تحت معيشت، سياست ۽ روايتن کي تباهه ڪيو، ملڪ کي ڏولايو ويو. خواجا آصف چيو ته اقتدار وڃائڻ کانپوءِ ادارن ۽ آئين تي حملا شروع ٿي ويا، ملڪ جو بنياد تباهه ڪرڻ جي اها سازش 9 مئي تي سامهون اچي وئي. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته ڇا پي ٽي آءِ جي باني ڪڏهن اهو سوچيو آهي؟

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے