لاس اينجلس: (سومر 01 جنوري 2024ع)وقت هميشه اڳتي وڌندو آهي، پر نئين سال جي اڏام ٽوڪيو کان لاس اينجلس تائين مسافرن کي وقت ۾ واپس وٺي ويندي آهي.
هي دلچسپ سفر جاپاني ايئر لائن آل نيپون ايئر ويز جي اڏام NH106 سان تعلق رکي ٿو، جيڪا 1 جنوري 2024 تي ٽوڪيو جي هنيدا ايئرپورٽ تان لاس اينجلس لاءِ 1:06 PM تي رواني ٿي.
اها اڏام 8 ڪلاڪ 56 منٽن جي سفر کانپوءِ لاس اينجلس ايئرپورٽ تي لينڊ ڪئي ۽ اها مقامي وقت موجب 31 ڊسمبر 2023 جي شام 5 لڳي 06 منٽن تي هئي.
اهڙي طرح هن دلچسپ اڏام جا مسافر گذريل سال نئين سال کان واپس آيا ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر نئين سال جو جشن ملهايو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language