ايبٽ آباد: (آچر 24 ڊسمبر 2023ع)قلندر آباد ۾ گهر کي باهه لڳڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 9 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.
ايبٽ آباد ضلعي جي علائقي قلند آباد جي ڳوٺ ٽيري ۾ شارٽ سرڪٽ سبب گهر ۾ خوفناڪ باهه لڳي وئي.
ريسڪيو اختيارين موجب ملبي هيٺان هڪ ئي خاندان جا 9 ڄڻا دٻجي ويا.
ذريعن موجب مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ سان باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر گهر ۾ سڙي سڙي وڃڻ سبب باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون.
ريسڪيو عملدارن موجب، لاشن کي ملبي مان ڪڍيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language